دين محمد بروهي

دين محمد بروهي: فوٽ بال جي مشهور رانديگر دين محمد ولد خان محمد بروهيءَ، پهرين اپريل 1952ع تي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو. جيڪب آباد مان مئٽرڪ ڪري نيشنل بئنڪ ۾ ڪلارڪ ٿيو. نوڪريءَ ملڻ بعد به تعليم جو مرحلو جاري رکيائين. سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ايم. اي ڪيائين ۽ ترقي ڪري نيشنل بئنڪ ۾ آفيسر مقرر ٿيو، جتان 1998ع ۾ رٽائر ٿيو.
فوٽ بال راند جو کيس ننڍپڻ کان شوق هو، 1965ع ۾ تيرهن سالن جي عمر ۾ اسڪول سطح تي کيڏڻ شروع ڪيائين. 1968ع ۾ پاڪستان جي وڏين ٽيمن ۾ شامل ٿيو ۽ لاهور جي چيمپيئن شپ ۾ حصو ورتائين. 1973ع ۾ پاڪستان يوٿ ٽيم ۾ چونڊجي ويو ۽ ايشين گيمز لاءِ ايران لاءِ چونڊيو ويو. 1975ع ۾ پاڪستان ۽ چائنا جي مقابلي واري ٽيم ۾ شامل ٿي چين ويو. 1971ع- 1972ع ڌاري پاڪستان پاران افغانستان ميچ کيڏڻ ويو. 1988ع ۾ آل پاڪستان ٽيم جي فرسٽ ڪلاس فوٽبالر جي حيثيت سان رٽائر ٿيو. کيس فوٽبال جي بهترين رانديگر جي حيثيت ۾ ڪيترائي اوارڊ، شيلڊون ۽ روڪ انعام مليا. هي هن وقت هڪ فوٽ بال ٽيم جو ڪوچ آهي ۽ جيڪب آباد ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.04.01  عيسوي

فوٽ بال جي مشهور رانديگر دين محمد ولد خان محمد بروهيءَ، پهرين اپريل 1952ع تي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪيف غزنوي
شيخ محمد سرفراز ٺٽوي
حاجي نجم الدين سريوال
حافظ محمد نونداڻي
ڀارو مل اَمراڻي سوٽهڙ
حمر شيخ
ڊنشا دستور
راشدي بديع الدين شاهه
ابو اسحاق ابراهيم بن سنان
ٿيوڊر روز ويلٽ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون